ڪولمبو-23 سيپٽمبر (اي پي پي ) سريلنڪا جي اليڪشن ڪميشن اعلان ڪيو آهي ته مارڪسسٽ قانون ساز انورا ڪمارا ڊسا??ائ??ڪي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پيپلز لبريشن فرنٽ اتحاد جي 55 ورهين جي اڳواڻ انورا ڪمارا ڊسا??ائ??ڪا کي هفتي جي آخر ۾ ٿيل چونڊن ۾ پنهنجي ويجهي مخالف جي ڀيٽ ۾ اٽڪل 13 لک وڌيڪ ووٽن سان ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. ڊسا??ائ??ڪا کي 57 لک 40 هزار ووٽ جڏهن ته سندس مخالف ساجهه پريماداسا کي 45 لک 30 هزار ووٽ مليا . موجوده لبرل صدر انيل وڪرم سنگهه ( ٻه سال اڳ ان وقت ملڪ جي قيادت سنڀالي جڏهن معيشت پنهنجي بدترين حالت ۾ هئي ان کي ووٽن ۾ ٽيون نمبر م??يو آهي . سريلنڪا جي چونڊيل ص??ر پنهنجي هم وطنن کي دعوت ڏني آهي ته هو مالي بحران جي شڪار ملڪ جي مدد ۾ س??مل ٿين .اليڪشن ۾ ڪاميابي جي اعلان بعد هڪ بيان ۾ هن چيو ته صدين کان جيڪو خواب ڏٺو هيو اهو آخر ڪار پورو ٿي رهيو آهي. اها فتح اسان سڀني جي آهي.
سريلنڪا جو مارڪسسٽ قانون ساز انورا ڪمارا ڊسانائيڪي صدارتي چونڊن ۾ سوڀارو
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری