اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي ??عا??ن ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اسلامي تعا??ن تنظيم (او آءِ سي) جو ڀارتي ظلمن خلاف بي??ناهه ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار عال??ي برادري لاءِ پيغام آهي ته هو ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ فوري ۽ موثر ڪردار ادا ڪري. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته او آءِ سي گواهي ڏني آهي ته ايل او سي تي ڀارتي فوج بي گناهه شهرين تي بندش پيل ڪلسٽر هٿيار استعمال ڪري رهي آهي. هن چيو آهي ته ڀارت جي ڪاغذي ڪارروائي رد ڪريون ٿا، ڀارت جي ناپاڪ ڪوششن سان زميني حقيقت??ن تبديل ناهن ٿيون، ڀارت جي ان عمل ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ کي جلا بخشي آهي، پاڪستان ڪشميرين کي اڪيلو نه ڇڏيندو، پاڪستان سمورا دستياب آپشن استعمال ڪندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج