اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارا ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ايس او پيز عملدرآمد تي ڪنهن به قس?? جي نرمي نه ڪئي ويندي، سخت انتظامي قدم ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شروع ڪيا پيا وڃن ج??هن ج?? مقصد حفاظتي تدبيرن ج?? خلاف ورزي تي سخت ڪارروائي ڪر??ي آهي ته جيئن مارڪيٽس، ٽرانسپورٽ ۽ صنعتي شعبن ۾ ڪورونا جي پکيڙ کي روڪي سگهجي، انهن شعبن ۾ ڪورونا جي پکيڙ جو خدشو سڀ کان وڌيڪ آهي، سمورن صوبن ۾ عوام کي اهو واضح پيغام پهچايو وڃي ته حڪومت سماجي فاصلن ۽ حفاظتي تدبيرن ج?? خلاف ورزي ڪندڙن ج?? خلاف انتظامي ڪارروايون شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي. نيشنل ڪمانڊ اين?? آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ان ج?? وڌيڪ چوڻ هو ته قومي رابطا ڪميٽي ميٽنگ جي منٽس ۾ ان ڳالهه جي تصحيح ڪئي وئي ته رضاڪاراڻي طور تي حفاظتي قدمن تي عملدرآمد ۽ خلاف ورزي ڪندڙن ج?? خلاف سخت قدمن کي يقيني بڻايو ويندو، ان ڏس ۾ اين سي سي جي سمورن صوبن کي ڀرپور حمايت حاصل آهي، واپارين کي ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻو پوندو ۽ عملدرآمد نه ڪندڙن ج?? خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
ايس او پيز عملدرآمد تي ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڪئي ويندي: اسد عمر
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا