اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته افغان عوام کي انساني بحران کان بچائڻ هر هڪ جي اخلاقي ذميواري آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان برطانوي نشرياتي اداري جي افغان عوام کي درپيش غذائي کوٽ جي خطري بابت رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ??ه مون افغانستان ۾ انساني بحران کان اڳ ئي خبردار ڪري ڇڏيو هو، هاڻي خوراڪ جي عالمي اداري ج?? سربراهه الرٽ جاري ڪيو ??هي. وزيراعظم چيو ??ه پاڪستان افغانستان کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندو رهندو پر عالمي برادري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. برطانوي نشرياتي اداري پنهنجي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ??ه افغانستان ۾ خز??ن جي موسم ۽ سرديءَ جي موسم جي شروعات سان ڪيترن ئي علائقن سوڪهڙي جون خبرون اچي رهيون آهن ۽ افغان عوام کي ??خت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ??ه افغانستان ۾ عوام کي خوراڪ جي ??خت کوٽ درپيش آهي ۽ سرديءَ جي موسم ۾ ??خت سرديءَ جي ڪري اهو بحران خوفناڪ صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. رپورٽ موجب خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنهن گذريل ڏينهن ڪابل جو دورو ڪيو هو، ان به صورتحال کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته زمين تي بدترين انساني الميو ??نم وٺي سگهي ٿو، افغانستان ۾ 95 سيڪڙو عوام کي ناڪافي خوراڪ جا مسئلا درپيش آهن، 2 ڪروڙ 30 لک عوام بک طرف وڌي رهي آهي.
افغان عوام کي انساني بحران کان بچائڻ هر هڪ جي اخلاقي ذميواري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت