xاسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته افعانستان اسانجو برادر پاڙيسري مل?? آهي، ان جي عوام لاءِ دوائن جو تحفو انهن جي ڏکيائين ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجندو.
انهن خيالن جو اظهار هن پاڪستان مينوفيڪچرنگ فارما ايسو س?? ايشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي پڻ موجود هو. پي پ?? ايم اي جي چيئرمين قاضي محمد منصور ۽ ا??وڻي چيئرمين اسد شج??ع، امان الله شيخ، عثمان شوڪت حامد رضا، حسيب خان، عاطف اقبال ۽ ٻين ميمبرن افعانستان لاءِ اٽڪل 16 ڪروڙ روپيا ماليت جي دوائن جو عطيو ڏنو آهي.
صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان پي پ?? ايم اي جي ڪوششن کي ساراهيو. خاص مددگار چيو ته افغانستان اسانجو برادر پاڙيسري مل?? آهي، افغانستان جي عوام لاءِ دوائن جو تحفو انهن جي ڏکيائين ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجندو.