اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع جو هڪ طرفو قدم قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڊيموگرافي جي تبديلي جي سازش آهي، اهي سمورا قدم گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ چوٿين ج??يوا ڪنوينشن سميت سمورن عالمي قانونن ج?? کليل خ??اف ورزي آهن. 5 آگسٽ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي خصوصي پيغام ۾ قمر زمان ڪائره چيو ته ٽي سال اڳ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا. انهن قدمن ج?? مقصد ڀارت جي اها ڪڌي حڪمت عملي لاڳو ڪرڻ هو جنهن تحت ڀارت والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير جي ڊيموگرافي جو تناسب تبديل ڪرڻ چا??ي ٿو ۽ ان مقصد کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڀارت لکين غيررياستي رهواسين کي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا آهن. اهي سمورا قدم گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ چوٿين ج??يوا ڪنوينشن سميت سمورن عالمي قانونن ج?? کليل خ??اف ورزي آهن. هن چيو ته ڀارت والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي غيرقانوني قدمن تي بضد ۽ بي خوف آهي. ڪشميرين کي بااختيار ڪرڻ ۽ راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ جي لاءِ ڀارت پاران قائم ڪيل حدبندي ڪميشن والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي من ماني ۽ هٺ ڌرمي جو واضح مثال آهي. 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کانپوءِ والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن ج?? صورتحال مسلسل خراب ۽ ناقابل برداشت آهي ۽ تڏهن کان 650 کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن ج?? مان رڳو هن سال 130 ماڻهن کي ڀارتي قابض فوج عدالت کان مٿانهين واقعن ۾ شهيد ڪيو. ڀارتي قابض فوج پاران والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري نوجوانن کي جعلي ۽ نام نهاد مقابلن ۽ سرچ آپريشن ۾ شهيد ڪرڻ هڪ معمول جو عمل بڻجي چڪو آهي.
ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع جو هڪ طرفو قدم قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڊيموگرافي جي تبديلي جي سازش آهي: قمر زمان ڪائره
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔