اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف چيو آهي ته قوم ملڪي دفاع ۽ سلامتي جي ??اءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي، جن 6 سيپٽمبر 1965ع تي پاڻ چنئوڻ تي وڏي دشمن جي ??اپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو، قوم کي تاريخ جي بدترين ٻوڏ جي صورت ۾ اڄ ٻيهر هڪ وڏو چئلينج درپيش آهي، قومي اتحاد ۽ يڪجهتي سان ان جو مقابلو ڪنداسين. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ قوم دفاع جو ڏهاڙو هڪ اهڙي وقت ۾ ملهائي رهي آهي جڏهن ملڪ کي بدترين ٻوڏ درپيش آهي. سڄي ملڪ ۾ شهيدن جي ??برن تي گلن جون چادرون چاڙهيون پيون وڃن، انهن جي ??اءِ دعائون ڪيون پيون وڃن ۽ انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو پيو وڃي. دفاع جو ڏهاڙو اسان کي 57 سال اڳ ان ڏينهن جي ??اد ڏياري ٿو جڏهن اسان جي ??ڪار دشمن رات جي اونداهي ۾ پاڪستان تي حملو ڪيو پر اسان جي بهادر فوج جي آفيسرن، جوانن 7 سپاهين لااله الاالله جو ورد ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري دشمن جي ??اپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته نه رڳو پوري پاڪستاني قوم پر اسان جون ايندڙ نسلون ۽ اسان جا ٻار انهن شهيدن ۽ غازين کي سدائين ياد رکندا. وزيراعظم چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان کي ان ڳالهه جو به احساس ڏياري ٿو ته جڏهن قوم هڪ ٿي وڃي ۽ رنگ ۽ نسل ۽ قوميت کان مٿانهون ٿي متحد ٿي وڃي ته پوءِ وڏي کان وڏي مشڪل ۽ چئلينج کي به منهن ڏئي سگهجي ??و. هن چيو ته اسان جا جذبي سان سرشار جوان دشمن جي ??اپاڪ ارادن آڏو شيهي جي ديوار بڻجي ??يا ۽ فضائين تي ڇائنجي ??يا. اسان جي زميني، سامونڊي ۽ هوائي فوج پاڻ کان چنئوڻ تي وڏي فوج کي گوڏا کوڙايا، اڄ ٻيهر پاڪستاني قوم کي هڪ وڏو چئلينج درپيش آهي. مهراڻ جي ??ادين کان وٺي بلوچستان جي سنگلاخ پهاڙن، خيبرپختونخواهه جي برف پوش پهاڙن، ڏکڻ پنجاب جي ??يدانن ۽ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير تائين هر جڳهه ٻوڏ ريلن تاريخ جي بدترين تباهي مچائي آهي. ڪالهه آئون قمبر شهدادڪوٽ ويو هئس جتي هزارين ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي چڪا آهن. هر طرف ڦهليل پاڻي سمنڊ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. لکين گهر تباهه ٿي ويا آهن. 1300 ماڻهو ٻوڏ ۾ فوت ٿي چڪا آهن جن ۾ سوين ٻار به شامل آهن جڏهن ته هزارين ماڻهو زخمي ۽ لکين جانور ٻوڏ پاڻي ۾ لڙهي ويا آهن، لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل??ن تباهه ٿي ويون آهن. سنڌ کانپوءِ بلوچستان ۾ سڀ کان وڌ??ڪ تباهي ٿي آهي. سوات، ڏکڻ پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ 3 ڪروڙ کان وڌ??ڪ پاڪستاني ٻوڏ جي ??ڪڙ ۾ آهن ۽ هر جڳهه تي پاڻي زندگي اجيرن بڻائي ڇڏي آهي. اهڙين حالتن ۾ اڄ ٻيهر قوم انهي جذبي ۽ حوصلي سان سرشار آ??ي جنهن جو مظاهرو هن 1965ع ۾ ڪيو هو. پورهيت، آبادگار، شاگرد، مزدور، سنڌي، بلوچي، پنجاب، پٺاڻ سڀ هڪ ٿي نئين تاريخ لکي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته لسٻيلا ۾ سان جي آفيسرن ۽ جوانن شهادت ماڻي. غذر ۾ هڪ ئي خندان جا 8 ماڻهو ريلي جي ??ر چڙهي ويا ۽ رڳو هڪ بزرگ ۽ ان جي ??عذور ٻارڙيءَ باقي بچي ويا. اهڙا داستان هر جڳهه تي وکريل آهن پر پوري قوم هڪ ڀيرو ٻيهر متحد ٿي چڪي آهي. وزيراعظم ملڪ جي دفاع لاءِ قربانيون ڏيندڙ شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم انهن کي سلام پيش ڪري ٿي جن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري چنئوڻ تي وڏي دشمن کي شڪست ڏني، انهن جون اهي قربانيون رائيگان نه وينديون.
قوم کي تاريخ جي بدترين ٻوڏ جي صورت ۾ اڄ ٻيهر هڪ وڏو چئلينج درپيش آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی