اسلام آباد -26 سيپٽمبر (اي پي پي) ڏکڻ ايشيا لاءِ عالمي بئنڪ جي نائب صدر مارٽن ريزر چيو آهي، ته پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن ۽ بنيادي ڍانچي جي بحالي ۾ عالمي بئنڪ پاڪستان سان مڪمل سهڪار ڪندي. پاڪستان جي دوري جي پڄاڻي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته هاڻوڪي تباهه ڪن ٻوڏ سبب قيمتي حياتين، ملڪيتن ۽ بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصان تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي. متاثر?? کي امداد جي فراهمي لاءِ عالمي بئنڪ پاڪستان جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪري ر??ي آهي. هن چيو ته گهرن ۽ روزگار کي پهتل نقصان جي ازالي لاءِ قدم ضروري آهن. عالمي بئنڪ جي نائب صدر چيو ته ٻوڏ ب??د متاثرن جي بحالي، آبادڪاري ۽ بنيادي ڍانچي جي ن??ين سر تعمير لاءِ عالمي بئن?? مجموعي طور تي 12 ارب ڊالرن جي مالي معاونت جو انتظام ڪري ر??ي آهي. هن چيو ته پاڪستان دنيا جي انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪو موسمياتي تبديلين سبب وڌيڪ متاثر آهي.
پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن ۽ بنيادي ڍانچي جي بحالي ۾ عالمي بئنڪ پاڪستان سان مڪمل سهڪار ڪندي: عالمي بئنڪ جو نائب صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات