اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي ب??نڪ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ امداد ۽ پائيدار بنيادي ڍانچي جي تعمير جي سرگرمين ۾ مدد لاءِ 2 ارب ڊالرن کان وڌيڪ مدد جي منظوري ڏيندو، اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي ب??نڪ جي ڊائريڪٽر جنرل يو جين زو ڪوف منيلا ۾ ورچوئل پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائي، هن پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن تي همدردي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته بئنڪ اڳ ئي خوراڪ جي فراهمي ۽ خيمن جي فوري خر??داري لاءِ 30 لک ڊالرن جي گرانٽ فراهم ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته انتهائي ضروري فوري امداد، متاثر علائقن جي ب??الي ۽ نئين سر تعمير لاءِ 500 کان 700 ملين ڊالرن تائين جو پيڪيج ڏنو پيو وڃي، جنهن جي منظوري هلندڙ سال جي آخر ?? ڏني ويندي، هن چيو ته ايشيائي ترقياتي ب??نڪ پاڪستان ۾ معاشي طور ڪمزور طبقن تي خوراڪ جي وڌندڙ قيمتن ۽ ٻين ٻاهرين جٽهڪن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 1.5 ارب ڊالر جي ڪائونٽر سائيڪليڪل سپ??رٽ تي ڪارروائي ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ امداد ۽ قدمن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اس??ن مقامي حڪومت ۽ ٻين عالمي ترقياتي شراڪتدارن جي ويجهي تعاون سان ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن نقصانن جي ضرورتن جي ڪاٿي کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي جيڪو امڪاني طور تي ايندڙ مهيني جي وچ ڌاري مڪمل ٿي ويندو، هن چيو ته موسمياتي تبديلي سبب قدرتي آفتن جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ موسمياتي تبديلي جو نتيجو آهي، هن ٻوڏ سبب 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن جن مان 6 لک جي لڳ ڀڳ امدادي ڪيمپن ۾ آهن، ٻوڏ سبب 1.7 ملين گهرن کي نقصان پهتو آهي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ امداد ۽ پائيدار بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ مدد لاءِ 2 ارب ڊالرن کان وڌيڪ مدد جي منظوري ڏيندو
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo