اس??ام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ذيلي چونڊن جا نتيجا اليڪشن ڪميشن ۽ ادارن جي جا??بد??ري جي خلاف فارن فنڊيڊ فتني جي بيانيي جو موت آهن، عمران خا?? پارليامينٽ ۾ پنهنجون ٻه سيٽون گهٽ ٿيڻ تي جشن ملهائڻ جو ڍونگ ڪري رهيو آهي، عمران خان وٽ پارليامينٽ ۾ 172 جو ميجڪ نمبر موجود نه آ??ي، پي ٽي آءِ جي 8 مان 2 وڌيڪ سيٽون هارائي عمران خا?? پارليامينٽ ۽ حڪومت کي ڊڪٽيٽ نٿو ڪري سگهي، روڊن تي يلغار ۽ وفاقي گادي واري شهر تي حملو ڪري حڪومت نه ٿي ڪيرائي سگهجي، حڪومت تبديل ڪرڻ جي لاءِ 172 ميمبرن جي اڪثريت ثابت ڪرڻي پوندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته 6 سيٽون کٽڻ تي عمران خان کي اس??ام آباد تي يلغار جو لائيسنس نه ٿو ملي سگهي، عمران خان 8 سيٽن تي چونڊون وڙهي پي ٽي آءِ جون 8 سيٽون گهٽ ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته حڪومت جي تبديلي جو طريقو اس??ام آباد تي جٿن ذريعي يلغار ڪرڻ نه آ??ي. مريم اورنگزيب چيو ته ايبسليوٽلي فراڊ ڪيو اڄ به پريس ڪانفرنس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعيفيٰ گهرندو؟ ف??رن ايجنٽ ڇا اڄ به نيوٽرلز جي خلاف تقرير ڪندو؟ توشه خانه جو چور ڇا اڄ به مسٽر ايڪس ۽ مسٽر وائي جو نالو وٺندو؟ ف??رن فنڊيڊ ڇا اڄ به اليڪشن ڪمشنر کي گاريون، ڌمڪيون ۽ الزامن جو نشانو بڻائيندو؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ ون مي?? پارٽي بڻجي چڪي آهي، جنهن وٽ ڪو اميدوار نه آ??ي.
ذيلي چونڊن جا نتيجا اليڪشن ڪميشن ۽ ادارن جي جانبداري جي خلاف فارن فنڊيڊ فتني جي بيانيي جو موت آهن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم