مصر – 09 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري ۽ فرانس جي پرڏيهي وزير ڪيٿرين ڪولونا جي وچ ۾ مصر ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت گڏيل لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حن?? رباني کر پڻ ان موقعي تي موجود هئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري فرانس پاران پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد تي پرڏيهي وزير ڪيٿرين ڪولونا جا ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ فرانس جي پرڏيهي وزيرن موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي ل??ءِ گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو. بلاول ڀٽ?? زرداري فرانس جي صدر ايمانوئيل ميڪرون جي موسمياتي تبديلين سان مقابلي جي ل??ءِ قدمن کي پڻ ساراهيو. ان موقعي تي فرانسيسي پرڏيهي وزير موسمياتي تبديلين سان مقابلي جي ل??ءِ پاڪستان جي عالمي امداد جي حوالي سان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II