اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان بابت عالمي ڪانفرنس ايندڙ سومر تي جنيوا ۾ ٿيندي. پاڪستان ڪانفرنس ۾ موسمياتي لحاظ کان ملڪ جي مضبوطي، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ پيش ڪ??دو. پرڏيهي آفيس جي هڪ سينيئر عهديدار اسلام آباد ۾ ميڊيا جي نمائندن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل قومون گڏيل طور تي ان عالمي ڪانفرنس جي ميزباني ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪانفرنس جو افتتاح ڪندو. ان موق??ي تي عالمي برادري ٻوڏ ک??ن متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ج?? ڪ??ششن ۾ پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي. عهديدار چيو ته پاڪستان دنيا جي سمورن اهم گادي وارن شهرن سان رابطي ۾ آهي ۽ انهن پاران ڪانفرنس ۾ اعليٰ سطح جي شرڪت متوقع آهي. هن چيو ته ان عالمي ڪانفرنس کي پاڪستان جي سفارتي ڪاميابي جي ڏس ?? پڻ ڏسڻ گهرجي.
ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان بابت عالمي ڪانفرنس ايندڙ سومر تي جنيوا ۾ ٿيندي
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔