اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين اسان جو پراڻو دوست آهي جنهن هر مش??ل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، سي پيڪ تحت اربين ڊالر جي ترقياتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري، چين جي پاڪستان سان دوستي جو واضح ثبوت آهي، چيني ڪمپنيون حڪومت جي سولرائيزيشن منصوبي ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان سي اي او ايس ڪي هائيڊو جي سربراهي ۾ چيني ڪمپن?? جي وفد اسلام آب??د ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيني ڪمپن?? جي پاڪستان ۾ پن بجلي منصوبن ۾ ڪم کي ساراهيو. وزيراعظم چيني ڪمپني کي حڪومت جي سولرائيزيشن جي منصوبي ۾ سيڙپڪار?? جي دعوت ڏني. وفد وزيراعظم کي ڪمپني پاران سولرائيزيشن جي حوالي سان 600 ميگاواٽ جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي کان آگاهه ڪيو جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي. چيني وفد وزيراعظم کي ٻوڏ سٽي??ن جي بحالي لاءِ 1 لک ڊالر جو امداد چيڪ پڻ ڏنو. وزيراعظم چيني ڪمپن?? جي ٻوڏ سٽي??ن جي مدد جي جذبي کي ساراهيو.
چين اسان جو پراڻو دوست آهي جنهن هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن