اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي چونڊ?? بابت مشاورت جي لاءِ 20 فيبروري 2023ع تي ايوان صد?? ۾ هنگامي اجلاس جي دعوت ڏني آهي. اليڪشنز ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 57 (1) تحت صد?? عام چونڊن جي تاريخ يا تاريخن جو اعلان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان مشاورت کانپوءِ ڪندو. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي پنهنجي خط ۾ صد?? چيو ته سندس 08 فيبروري جي خط کانپوءِ ان معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۽ سپريم ڪورٽ جي تازي مشاهدن جهڙي ڪجهه اهم اڳڀرائي ٿي آهي. صد?? پنهنجي پهرين خط ۾ اليڪشن ڪميشن پاران جواب نه ملڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هو بي چيني سان انتظار ڪري رهيو هو ته ڪميشن پنهنجي آئيني فرض جو احساس ڪندي ۽ ان موجب ڪم ڪندي. هن چيو ته ان اهم معاملي تي اليڪشن ڪميشن جي افسوسناڪ رويي سان انتهائي مايوسي ٿي آهي. پنهنجي خط ۾ صد?? چيو ته آئين جي تحفظ ۽ دفاع جي پنهنجي آئيني ذميواري جو احساس ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر کي 20 فيبروري 2023ع تي پنهنجي آفيس ۾ چونڊن تي مشاورت جي لاءِ هنگامي ملاقات جي لاءِ گهرايان ٿو.
صدر پاران چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي چونڊن بابت مشاورت جي لاءِ 20 فيبروري 2023ع تي ايوان صدر ۾ هنگامي اجلاس جي دعوت
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری