اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي سعيد احمد شيخ جي نيشنل پريس ٽر??ٽ جي چيئرمين جي عهدي تي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر انفارميشن گروپ جي گريڊ 20 جي آفيسر سعيد احمد شيخ کي وقتي طور تي نيشنل پريس ٽر??ٽ جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سعيد احمد شيخ نيشنل پريس ٽر??ٽ جي چيئرمين جي باقاعده طور تي مقرري تائين خدمتون سرانجام ڏيندو. صدر اڳوڻي چيئرمين منير احمد خان کي نااهلي ۽ عوامي فنڊز ۾ بي ضابطگين تي عهدي تان هٽائڻ جي پڻ منظوري ڏني آهي. صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي نيشنل پريس ٽر??ٽ جي چيئرمين جي عهدي لاءِ ايم پي ون اسڪيل جي پڻ منظوري ڏني. صدر ا??ي منظوريون نيشنل پريس ٽر??ٽ (چيئرمين جي مقرري) ايڪٽ 1972ع تحت ڏني آهي.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون