اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اسڪرين ٽوئرازم جي ذريعي پاڪستان جي خوبصورت ثقافت ۽ تهذيب ۽ تمدن پوري دنيا کي ڏيکارڻ چاهيون ٿا، غيرملڪي فلم سازن کي پاڪستان ۾ عڪسبندي ۽ فلم سازي جي شعبي ۾ خصوصي رعايتن مان فائدو کڻڻ گهرجي، پاڪستاني ??اگردن کي فلم، آ??ٽ اينڊ ڪلچر ۾ فني ??ربيت جي ??را??مي لاءِ جرمن ادارن جي تعاون جا خواهشمند آهيون. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ جرمني ??ي سفير ايلفرڊ گرناس سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فلم، آ??ٽ ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ بيبلسبرگ يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف ٽيليويزن اينڊ فلم ميونڪ سان حصيداري عمل جي تجويز تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير جرمن سفير کي فلم اينڊ ڪلچر پاليسي ۽ ان تحت ڏني ويندڙ مراعتن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته جرم??ي ۽ پاڪستان جي نجي سرڪاري درسگاهن ۾ تعاون سان فلم، آ??ٽ اينڊ ڪلچر کي فروغ ملي سگهي ٿو. وفاقي وزير جرمن اين جي اوز جي آئي زيڊ ۽ هانس سيڊل فائونڊيشن جي پاڪستان ۾ خدمتن کي ساراهيو. هن ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 18 ڪروڙ 40 لک يورو جي امداد تي جرمني ??ا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ماح??لي??تي تبديلين جي مقابلي لاءِ عالمي ڪانفرنس ۾ 8 ڪروڙ 40 لک يورو جي امداد جي ??را??مي جو واعدو جرمني ??ي پاڪستان دوستي هڪ ٻيو ثبوت آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي کي 4 ارب ڊالر کان وڌائڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته اقبال ۽ گوئيٽه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ جهڙي حيثيت رکن ٿا، برلن ۾ اقبال گوئيٽه آرٽ اينڊ ڪلچر سينٽر قائم ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن جي عوام هڪ ٻئي جي ويجهو ايندي. هن چيو ته جرمن ميڊيا پاڪستان جي حالتن جي غيرجانبداراڻي انداز ۾ رپورٽ ڪري ٿي جيڪا ساراهه جوڳي آهي. جرمني ??ي صحافتي تنظيمن جي وفد جو پاڪستان جو ايندڙ مهيني ??ورو متوقع آهي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي ۽ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. جرمن سفير اطلاعات واري وزير جي فلم اينڊ ڪلچر جي فروغ جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.
اسڪرين ٽوئرازم جي ذريعي پاڪستان جي خوبصورت ثقافت ۽ تهذيب ۽ تمدن پوري دنيا کي ڏيکارڻ چاهيون ٿا: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil