اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفو اقتصادي تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيند?? چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري وڌائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان پنهنجي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي)، ٽرانسپورٽ ۽ ٽيڪسٽائيل جي شعبن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ چين جي تعاون ۽ مدد جو خواهشمند اهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار چين جي صدر شي جن پنگ جي خصوصي نمائندي ۽ چين جي رياستي ڪائونسل جي نائ?? وزيراعظم هي لي فينگ سان ڳالهائيندي ڪيو. چين جي نائ?? وزيراعظم پنهنجي وفد جي ميمبرن سان گڏ ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. وفد جي آجيان ڪندي صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ آهي ۽ ٻئي ملڪ سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ منفرد لاڳاپا آهن ۽ دنيا کي ٻنهي ڀائر ملڪن جي دوستي مان سبق سکڻ گهرجي. هن ??ن ڳالهه کي ساراهيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا تعاون جي نئين شعبن تائين وڌي رهيا آهن. پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي حوالي سان ڳالهه ڪندي صدر چيو ته سي پيڪ خطي ۾ خوشحالي آڻڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جي معاشي منظرنامي کي پڻ بدلائي ڇڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۾ بجلي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪافي مدد ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ان جي سمورن بنيادي معاملن ت?? چين جي ڀرپور حمايت جاري ??کن??و. صدر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مالي مدد ڪرڻ ت?? چيني حڪومت جا ٿو??ا مڃڻ کانسواءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ت?? چين جي اصولي موقف تي ٿو??ا مڃيا. هن نائ?? وزيراعظم کي هلال پاڪستان جو اعزاز ملڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪ چين دوستي کي فروغ ڏيڻ ۽ سي پيڪ منصوبن تي ڪاميابي سان عملدرآمد جي لاءِ نگراني تي سندس ڪردار کي ساراهيو. صدر جا ٿو??ا مڃيند?? چيني نائ?? وزيراعظم مارچ 2020ع ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ج?? چين جي دوري جو ذڪر ڪند?? چيو ته چين جي عوام اهو دورو ياد ??کن??ي ڇو ته صدر پاڪستان ڪورونا وبا جي خطرن جي باوجود مشڪل وقت ۾ چين جو دورو ڪيو. هن ??وشي سان ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته سي پيڪ سان پاڪستان جي سماجي، اقصادي ۽ بنيادي ڍانچي جي منظرنامي ۾ اهم تبديلي آئي آهي ۽ هاڻي اهو پوري خطي ۽ ان کان ٻاهر به پاڪستان جي اقتصادي، واپاري ۽ رابطي ڪاري جي حيثيت کي وڌيڪ وڌائيندو. نائ?? وزيراعظم صدر ڊاڪٽر عارف علوي ک?? چين ۾ غربت جي خاتمي لاءِ چيني حڪومت جي قدمن بابت آگاهه ڪيو. نائ?? وزيراعظم سندس خدمتن جي اعتراف ۾ هلال پاڪستان عطا ڪرڻ تي صدر جا ٿو??ا مڃيا. ان کانسواءِ هن ??در ڊاڪٽر عارف علوي ک?? چيني صدر شي جن پنگ پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پڻ پهچايو.
چين کي پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia