اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ جي لاءِ خساري جو شڪار ??ومي ملڪيتي ادارن جي فوري نجڪاري ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان نجڪاري واري نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نجڪاري واري وزير فواد حسن فواد نگران وزيراعظم کي خساري جي شڪار ??ومي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري جي عمل تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم خساري جي شڪار ??ومي ملڪيتي ادارن (ايس او ??يز) جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ جي لاءِ خساري جي شڪار ادارن (ايس او ??يز) جي فوري نجڪاري ضروري آهي، ان ڳالهه ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری