اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ چيو آهي ته بنيادي صحت جي سهولتن تي هر پا??ست??ني جو حق آهي ۽ حڪومت عام ماڻهو جي ا?? تائين پهچ يقيني بڻائيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت واري عالمي اداري جي پا??ست??ن ۾ نمائندي ڊاڪٽر پليٿا ماهي پالا سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صحت وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجُود هئا. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم صحت جي عالمي اداري ۽ ٻين حصيدارن جا پا??ست??ن جي صحت واري شعبي ۾ سڌارن ۾ تعاون تي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم صحت جي عالمي اداري پ??را?? سڄي پا??ست??ن سميت گلگت بل??ست??ن ۽ آزاد ڪشمير ۾ بنيادي صحت مرڪزن جي اپ گريڊيشن جي قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم چيو ته صحت جي عالمي اداري جي عطيو ڪيل موبائيل صحت اسپتالن ۽ ايمبولينسز سان بنيادي صحت جون سهولتون عام ماڻهو جي گهرن جي در?? تائين پهچايون وينديون. ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻه?? تائين بنيادي صحت جون سهولتون پهچائڻ جي لاءِ موبائيل هيلٿ يونٽ اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته بنيادي صحت جون سهولتون هر پا??ست??ني جو حق آهي ۽ حڪومت عام ماڻهو تائين ان جي پهچ يقيني بڻائيندي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته پا??ست??ن ۾ 464 صحت جي بنيادي مرڪزن جي اپ گريڊيشن جي ميگا پراجيڪٽ تي ڪم ايندڙ ٻن مهينن جي مختصر عرصي ۾ مڪمل ڪيو و??ندو. نگران وزيراعظم کي وڌيڪ ٻڌايو و??و ته موبائيل هيلٿ يونٽ نه رڳو ماڻهن کي علاج جون بنيادي سهولتون فراهم ڪندو پر ڊيجيٽل نظام تحت اهو صحت جي يونٽ جي مرڪزي نظام سان ڳنڍيل هوندو ۽ مريضن کي وڏين اسپتالن ۾ ريفر به ڪري سگهندا. بعد ۾ نگران وزيراعظم صحت جي عالمي اداري ۽ قومي صحت واري وزارت جي وچ ۾ ليٽر آف انڊراسٽينڊنگ تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم صحت جي عالمي اداري پ??را?? عطيو ڪيل 5 ايمبولينسز، هڪ موبائيل ڪلينڪ ۽ 2 ويڪسينيشن وينز جو پڻ جائزو ورتو.
بنيادي صحت جي سهولتن تي هر پاڪستاني جو حق آهي ۽ حڪومت عام ماڻهو جي ان تائين پهچ يقيني بڻائيندي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس