ڪويت – 29 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو اعليٰ ڪو??تي قيادت سان ملاقات جي لاءِ البيان محل پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. محل پهچڻ تي ڪويت جي اول نائب وزيراعظم ۽ گهر?? وزير شيخ طلال الخالد الاحمد الصباح سندس استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم کي ڪو??تي اميري گارڊ جي دستي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جا ترانا وڄايا ويا. ناڻي واري ??گران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي، واپار وارو نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز، قانون، موسمياتي تبديلي ۽ پاڻي ذخيرن وارو نگران وفاقي وزير عرفان اسلم ۽ پنجاب جو نگران وڏ?? وزير محسن نقوي پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ هئا.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ