اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آفريقي ۽ ايشيائي ملڪن سان واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ ۽ غزه ۾ تشدد جي خاتمي ۽ فلسطين ۾ پائيدار امن جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان آفريقي ۽ ايشيائي ملڪن جي سفيرن جي هڪ گروپ مانجهاندي تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران الجزائر ۽ سوڊان جي سفيرن سان گڏوگڏ بنگلاديش، برونائي، ملائيشيا، ماريشيس ۽ ڏکڻ آفريقا جا هاءِ ڪمشنرز پڻ موجود هئا جڏهن ته ايٿوپيا، انڊونيشيا، ڪينيا، نائجيريا، صوماليه، تيونس ۽ زمبابوي جا ناظم الامور پڻ ان موقعي تي موجود هئا. نگران وزيراعظم آفريقا س??ن پاڪستان جي ل??ڳا??ن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن آفريقي ملڪن سان ٻطرفي ?? علائقائي سطح تي ل??ڳا??ن کي مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ آفريقا جي وچ ۾ گذريل سالن دوران بهترين سياسي ل??ڳا??ن جو اعتراف ڪندي واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته چوٿين پاڪستان آفريقا واپاري ڪانفرنس مصر جي شهر قاهره ۾ 9 کان 11 جنوري 2024ع تائين جاري آهي جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي واپار واري نگران وفاقي وزير جي قيادت ۾ هڪ وڏو واپاري وفد ڪري رهيو آهي. هن ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن خاص طور تي برونائي، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا س??ن پاڪستان جي تاريخي ل??ڳا??ن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان انهن اهم ملڪن سان ٻطرفي واپاري ل??ڳا??ن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي ۽ آسيان س??ن پاڪستان جي مصروفيتن کي مضبوط بڻائڻ ۾ انهن سان تعاون جو خواهشمند آهي. غزه ۾ جاري صورتحال جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ تشدد جي خاتمي ۽ فلسطين ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ انهن جي ل??ڳا??يل ملڪن سان مضبوط ل??ڳا??ا قائم ڪرڻ جي ڪوششن تي سفيرن کي ساراهيو. سفيرن انهن سان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ وقت ڪڍڻ تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اهي ٻطرفي ل??ڳا??ن کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ??ند?? رهندا.
نگران وزيراعظم سان آفريقي ۽ ايشيائي ملڪن جي سفيرن جي گروپ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ