تهران – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايرا?? جي اوڀر آذربائيجان صوبي ۾ 19 مئي تي افسوسناڪ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ??ين??ڙ صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير عبدالله??ان ۽ سندن ساٿي?? جي جنازي نماز ۾ شرڪت جي لاءِ اسلامي جمهوريه ايران پهتو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پڻ ساڻس گڏ آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ب??ان موجب اسلامي جمهوريه ايرا?? جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي سان ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستا?? جي عوام ۽ حڪومت پاران تعزيت پيش ڪئي. مرحوم صدر رئيسي جي اپريل 2024ع ۾ پاڪستا?? جي تازي دوري کي ياد ڪندي وزيراعظم پاڪستان ايران ٻطرفن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ سندس ساراهه جوڳي ڪردار کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم صدر رئيسي کي هڪ ويزنري اڳواڻ قرار ڏنو جنهن پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي ماڻه?? جي لاءِ خدمت لاءِ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مسلمان امت جي اتحاد ۽ غزه جي گهيري هيٺ آيل عوام جي لاءِ صدر رئيسي جون خدمتون تاريخ ۾ لکيون وينديون. هن علائقائي امن ۽ ڳالهي?? جي فروغ ۾ مرحوم پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيا?? جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم قومي سانحي جي هن گهڙيءَ ۾ اسلامي جمهوريه ايرا?? جي عوام سان اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن اسلامي جمهوريه ايرا?? جي حڪومت ۽ عوام سان دوستي ۽ ڀائيچاري جي رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستا?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي شهيد صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿين جي جنازي نماز ۾ شرڪت جي لاءِ ايران پهتو
مضمون کا ماخذ : کڑک