اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته آمريڪي ايوان نمائندگان ۾ منظور ٿيل قرارداد تي پرڏيهي آفيس ردعمل ڏئي ڇڏيو آهي، قومي اسيمبلي ۾ پڻ بجيٽ جي منظوري کانپوءِ ان حوالي سان قرارداد آڻينداسين، پاڪ ايران گئس پائيپ لائين منصوبي سميت پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان ايوان کي بريفنگ ڏيڻ ??ي لاءِ تيار آهيون، حڪومت فلسطين، ڪشمير، اسلامو فوبيا مسئلي ۽ سوشل ميڊيا تي نبي پاڪ ﷺ جي شان اقدس بابت گستاخانا مواد جي حوالي سان او آءِ سي سميت هر فورم تي آواز اٿاريو آهي، پاڪستان موجوده معاشي ??ور??حال مان نڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو، ان ۾ ڪجهه وقت لڳندو اسان ان ??ور??حال مان ٻاهر نڪري اينداسين. قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزارت جي ناڻي جي مطالبن تي مخالف ڌر جي ڪٽوتي جي رٿن تي بحث کي سهيڙيندي هن چيو ته ڪٽوتي جي رٿن جو مقصد ئي اهو هوندو آهي ته موضوع کي بحث هيٺ آندو وڃي. هن چيو ته ميمبرن پاران ان تجويز جي آجيان ڪريون ٿا ته پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان هڪ جدا سيشن ٿئي، اسان پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان مڪمل بريفنگ ڏيڻ ??ي لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ آمريڪي ايوان نمائندگان ۾ منظور ٿيل قرارداد تي پنهنجو ردعمل ڏئي ڇڏيو آهي. بجيٽ جي منظوري کانپوءِ اسان به ان قرارداد جي حوالي سان هڪ قرارداد آڻينداسين. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي حوالي سان آئين ۾ ترميم ڪريو اسان ا?? جي سپورٽ ڪنداسين. اسان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ چاهيون ٿا. مسلم ليگ (ن) اڳ ۾ به ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي حوالي سان هڪ فارمولو ڏنو هو جنهن تي اوورسيز پاڪستانين ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو هو. هن چيو ته اهو چوڻ صحيح نه آهي ته حڪومت فلسطي?? جي حوالي سان ڪجهه ناهي ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت فلسطين مسئلي جي حوالي سان پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان جو موقف ۽ عزم ان حوالي سان واضح آهي ته فلسطين ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اسان ا?? جي ڀرپور مخالفت ڪريون ٿا ان حوالي سان اسان گيمبيا ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ وڏي دليراڻي انداز ۾ اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته اها جنگبندي ٿيڻ گهرجي. فلسطيني?? جي لاءِ خوراڪ جي پهچ ۾ رڪاوٽون ختم ٿيڻ گهرجن، القدس الشريف فلسطين جو گادي وارو شهر هجڻ گهرجي. هن چيو ته استنبول ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ پڻ پاڪستان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. عمان ۾ 65 ملڪن جو سربراهي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم جي هدايت تي مون پاڪستا?? جي نمائندگي ڪئي. پاڪستان مان 2400 ميٽرڪ ٽن خوراڪ ۽ امدادي سامان اسان ارد?? جي ذريعي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته ڪشمير جي حوالي سان به اسان او آءِ سي جي اجلاس ۾ پنهنجو ڀرپور آواز اٿاريو جنهن ۾ اسا?? جي دوست ملڪن اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو. هن چيو ته او آءِ سي جي اجلاس ۾ اسان نبي پاڪ ﷺجي شان ۾ گستاخانا خاڪ?? جي خلاف پڻ ڀرپور آواز اٿاريو آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته سوشل ميڊيا تي اهڙو گستاخانو مواد هٽائڻ گهرجي. غزه، اسلامو فوبيا ۽ ڪشمير جي حوالي سان اسان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته اهو چوڻ صحيح نه آهي ته پاڪستان اڪيل??ئپ جو شڪار ٿي رهيو آهي، اسا?? جي پرڏيهي پاليسي صحيح رخ ۾ آهي، پاڪستان ٻن سال?? جي لاءِ گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو آهي، چين اسان جو بهترين پاڙيسري ملڪ ۽ دوست آهي. گذريل ڪجهه سالن ۾ سي پيڪ منصوبو جيڪو در جو شڪار ٿي رهيو هو، وزيراعظم شهباز شريف نه رڳو ان منصوبي کي بحال ڪرائڻ ??ي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي پر اهو اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي. چي?? جي حڪومت تازن ڏينهن ۾ پنهنجو هڪ انتهائي اعليٰ سطحي وفد پڻ پاڪستان موڪليو. هن چيو ته اهي سڀ اهي شيون آهن ج?? جي ذريعي اسان کي پاڪستان کي ا??تي وٺي وڃڻو آهي. هن چيو ته اهو چوڻ به صحيح نه آهي ته بشام ۾ مارجي ويل چيني ورڪر?? جي پونئيرن کي 27 ملين ڊالر ادا ڪيا آهن بلڪه پاڪستان پاران رڳو اڍائي ملين ڊالر جي رقم ادا ڪئي وئي آهي. اسان چاهيون ٿا ته افغانستان مضبوط ٿئي، اسان افغان حڪومت سان رابطي ۾ آهيون. ان سلسلي ۾ ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ روحه ۾ هڪ ٽه ڌري سمٽ ٿي رهي آهي جنهن ۾ پاڪستان، افغانستان ۽ دوحه شرڪت ڪندا. پاڪ ايران گئس پائيپ لائي?? جي حوالي سان اٿاريل اعتراضن جو جواب ڏيندي هن چيو ته ان سلسلي ۾ آمريڪي پابنديون هڪ وڏي رڪاوٽ آهن، پيٽروليم واري وزارت ان معاملي تي پڻ ايوان کي بريفنگ ڏيڻ ??ي لاءِ تيار آهي. اسحاق ڊار چيو ته ڪرغزستان ۾ پاڪستاني شاگرد?? جي مارجڻ جون جعلي پوسٽون سوشل ميڊيا تي هنيون ويون، اهڙيون پوسٽون بند ٿيڻ گهرجن ۽ ڪا به اهڙي ڳالهه حقيقت?? جي ابتڙ نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مون جڏهن کان پرڏيهي وزارت جو قلمدان سنڀاليو آهي منهنجو موقف آهي ته روايتي ڊپلوميسي بدران اقتصادي ڊپلوميسي کي ا??تي وڌائينداسين. هن چيو ته پاڪستان ۾ 10 ٽريلين ڊالر جا وسيلا موجود آهن. هن چيو ته ماضي ۾ به پاڪستا?? جي ڏيوالپڻي ٿيڻ جون ڳالهيون ڪيون وينديون هيون پر اسان پنهنجي حڪومت ۾ ملڪ کي ان ??ور??حال مان ڪڍڻ ??ي لاءِ 10، 12 سالن بدران رڳو ساڍي ٽي سالن ۾ ملڪ جي معيشت کي مستحڪم ڪيو. پاڪستان اڃا به ان ??ور??حال مان نڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو، اسان جو ويزن ۽ رخ واضح آهي. اڃا به ڪجهه وقت لڳندو اسان ان ??ور??حال مان ٻاهر نڪري اينداسين.
آمريڪي ايوان نمائندگان ۾ منظور ٿيل قرارداد تي پرڏيهي آفيس ردعمل ڏئي ڇڏيو آهي، بجيٽ منظوري کانپوءِ ان حوالي سان قرارداد آڻينداسين: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔