اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري محفوظ، ??ائ??دار ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ نظام جي فروغ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ??ائ??دار ترق?? جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم ڪندو، جنهن سان امن ۽ خوشحال?? جي دور جي شروعات ٿيندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار بيجنگ ۾ ٿيندڙ عالمي ??ائ??دار ٽرانسپورٽ فورم 2024ع کي وڊيو خطاب ڪندي ڪيو. صدر پنهنجي خطاب ۾ گڏيل قومن جي ??ائ??دار ترق?? جي هدفن جي فروغ ۾ چين جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ??ائ??دار ترقي کي فروغ ڏي ۽ ع??لمي ۽ علائقائي اقتصادي خوشحالي ۾ چين جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چين جي صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چين جي قومي ترق?? جي منصوبن کي به ساراهيو. صدر حڪومت پاران کنيل قدمن جو ذڪر ڪندي فورم کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان عورتن جي لاءِ خصوصي پنڪ بسون متعارف ڪرايون آهن ته جيئن پبلڪ ٽرانسپورٽ جو محفوظ، آرامده ۽ پهچ جوڳو طريقو فراهم ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عوام جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ موثر، ماحول دوست ٽرانسپورٽ جي لاءِ ??ائ??دار انفراسٽرڪچر جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڳ??ٺاڻي علائقن جي روڊن تائين پهچ 92 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جيڪا نمايان بهتري آهي. ڳوٺاڻي علائقن جي پهچ ۾ اضافو ??ائ??دار ترق?? جي فروغ ۽ ڳوٺاڻي آبادي کي بنيادي خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ٿيندو. صدر چيو ته پاڪستان جي بنيادي ڍانچ?? جي ??ائ??دار سارسنڀال ۽ موسمياتي تبديلي جهڙا چئلينجز درپيش آهن. گذريل 5 سالن ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏن، شديد برساتن سميت موسمي حالتن پاڪستان جي ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهچايو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ميمبر ملڪن جي ٽرانسپورٽ انتظاميا جي وچ ۾ ??ائ??دار ٽرانسپورٽ تعاون جو حمايتي آهي.
صدر پاران محفوظ، پائيدار ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ نظام جي فروغ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی