اسلام آباد-18 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي ملتان ٽيسٽ کٽڻ تي پاڪستاني ٽيم کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آھي ته ڊگھي عرصي بعد ھوم ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي جو ڪريڊٽ قومي ٽيم جي محنت جو نتيجو آھي. جمعي ڏينھن گھرو وزير محسن نقوي پنھنجي پيغام ۾ چيو ته ??اجد خان ۽ نعمان علي شاندار بالنگ ڪري تيسٽ ميچ جي ڪاميابي ۾ اھم ڪردار اد?? ڪيو. ھن چيو ته ڪامران غلام پھرين ئي ميچ ۾ سينچري ٺاھي پنھنجي ڀرپور صلاحيتن جو مظاھرو ڪيو. ھن چيو ته محنت، جذبي ۽ پروفيشنل سوچ سان ٽيم راند کيڏي ۽ڪاميا??ي حاصل ڪئي. ٽيم ۾ نئين رانديگر پنھنجي سليڪشن کي درست ثابت ڪيو ۽ اميد آھي ته ??نگلينڊ خلاف ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ به قومي ٽيم بھترين ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪندي سيريز پنھنجي نالي ڪندي.
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل