اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي ويزن موجب قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ميزبانيءَ ۾ 19 ۽ 20 ڊسمبر 2024ع تي 18هين اسپيڪرز ڪانفرنس پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ڊائري??ٽو??يٽ جنرل آف ميڊيا طرفان جاري بيان موجب 18هين اسپيڪرز ڪانفرنس هڪ ڏهاڪي جي ڊگهي مُدي کانپوءِ منعقد ٿي رهي آهي. ڪانفرنس اسپيڪر اياز صادق جي ملڪ جي قانونساز ادارن وچ ۾ تعاون ۾ و??ڌ ۽ قانوني چئلينجز کي حل ڪرڻ لاءِ عزم جو اظهار آهي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته 17هين اسپيڪرز ڪانفرنس 2014ع ۾ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ منعقد ٿي هئ?? ۽ ??اڻ 10 سالن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر 18هين اسپيڪرز ڪانفرنس 19 ۽ 20 ڊسمبر تي ان جي ئي صدارت ۾ منعقد ٿي رهي آهي. ڪانفرنس ۾ ملڪ جي قانونساز ادارن جا اسپيڪرز ۽ صدر نشين پنهنجي پارلياماني وفدن سان شريڪ ٿيندا. تحقيق تي ٻَڌل قانونسازيءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ قانونساز ادارن وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ هم آهنگيءَ کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. 18هين اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ جن ا??م موضوعن تي توجهه ڏني ويندي انهن ۾ پارلياماني ڪارروائيءَ ۾ نظم ۽ ضبط ۽ ڪارڪردگيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ انسٽيٽيوٽ آف ويپس کي وڌيڪ مضبوط ۽ بااختيار بڻائڻ، عوام جي پارليامينٽ تائين رسائي وڌائڻ لاءِ ورچوئل پارليامينٽ جو قيام، پارليامينٽ ۽ عوام وچ ۾ رابطن کي بهتر بڻائڻ، قانونسازيءَ جي عمل کي آسان بڻائڻ لاءِ قاعدن ۽ ضابطن ۾ ترميم، بين ا??صوبائي پارلياماني رابطن کي مضبوط بڻائڻ، قانونساز ادارن وچ ۾ تجربن ۽ بهترين روايتن جي مٽاسٽا جو طريقيڪار جوڙڻ، پائيدار ترقيءَ جي هدفن جي حاصلات لاءِ قانونساز ادارن وچ ۾ رابطن ۾ و??ڌ، صنفي برابري، نوجوانن جي نمائندگي، ٻارن جي حقن ۽ موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ جهڙا اهم مسئلا شامل آهن. 18هين اسپيڪرز ڪانفرنس اسپيڪر سردار اياز صادق جو ملڪ جي قانونساز ادارن وچ ۾ رابطن، تعاون ۽ هم آهنگيءَ کي هٿي ڏيڻ جي عزم جي عڪاسي آهي. پارلياما??ي حلقن ۾ ان ڪانفرنس کي وڏي اهميت ڏني پئي وڃي ۽ توقع ڪئي پئي وڃي ته هيءَ ڪانفرنس قانونساز ادارن وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ، قانونسازيءَ جي عمل کي جديد گهرجن موجب ڪرڻ ۽ مؤثر پارلياماني خدمتن لاءِ هڪ مضبوط فريم ورڪ جوڙڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. هيءَ اهم اجتماعي وفاقي، صوبائ?? ۽ ??انونساز اسيمبلين جي وچ ۾ تعاون ۾ و??ڌ، تجربن ۽ بهترين روايتن جي مٽاسٽا لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪندو، جنهن سان ادارن وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ڪانفرنس افتتاح?? ۽ ??ڄاڻي ۽ سائيڊ لائن اجلاسن کان علاوه مخصوص قومي ترجيحن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ خصوصي پارلياماني فورمز جن ۾ پائيدار ترقيءَ جا هدف، پارلياماني ٽاسڪ فورس، وومين پارليامينٽري ڪاڪس، ينگ پارليامينٽري فورم، ٻارن جي حقن بابت پارلياماني ڪاڪس جا اجلاس پڻ ٿيندا. انهن اجلاسن ۾ پارلياماني ڪوششن کي عالمي ترقياتي ايجنڊا سان هم آهنگ ڪرڻ، فيصلا سازيءَ ۾ عورتن جو ڪردار وڌائڻ، پاليسي سازيءَ ۾ نوجوانن جي نمائندگي کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻارن جي فلاح بهبود ۽ تحفظ لاءِ قانونسازيءَ تي توجهه ڏني ويندي. ان ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ سينيٽ جو چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سميت پنجاب اسيمبليءَ جو اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان، سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه، ڪي پي ڪي اسيمبليءَ جو اسپيڪر بابر سليم سواتي، بلوچستان اسيمبليءَ جو اسپيڪر عبدالخالق اچڪزئي، آزاد ڄمون ڪشمير قانونساز اسيمبليءَ جو اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر ۽ گلگت بلتستان اسيمبليءَ جو اسپيڪر نذير احمد شرڪت ڪندا. ان کان علاوه ڪانفرنس ۾ قومي اسيمبلي، سينيٽ، چئني صوبائي اسيمبلين، آزاد ڄمون ڪشمير، قانونساز اسيمبلي ۽ گلگت بلتستان اسيمبليءَ جي ميمبرن جا وفد ۽ سيڪريٽريز پڻ شريڪ ٿيندا.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ميزبانيءَ ۾ 18هين اسپيڪرز ڪانفرنس 19 ۽ 20 ڊسمبر تي ٿيندي
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ