ڍاڪا -19 آگسٽ (اي پي پي) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسين?? واجد، روڊ، ٽرانسپورٽ ۽ پُلن جي اڳوڻي وزير عبيد القادر، اڳوڻي اسيمبلي ميمبر شميم عثمان، اڳو??ي گهرو وزير اسد الزمان خان سميت 62 ڄڻن خلاف نا??ائن گنج جي علائقي سڌير گنج ۾ مڇي جي واپاري جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڍاڪا ٽريبيون جي رپورٽ مطابق هي ڪيس مقتول محمد ملون جي گهر واري شهناز بيگم طرفان آچر رات دير سان سڌير گنج ٿاڻي ۾ داخل ڪرايو ويو جنهن کان پوءِ اڳوڻي وزيراعظم خلاف داخل ڪرايل ڪيسن جو ا??گ هڪ درجن تائين پهچي ويو آهي. ڪيس ۾ ٻين نامزد جوابدارن ۾ اڳوڻي اسيمبلي ميمبر شميم عثمان جو پٽ آيون عثمان، ان جو ڀا??يٽ??و ازميري عثمان ۽ نا??ائن گنج ميٽرو پوليٽن عوامي ليگ جو آرگنائيزنگ سيڪريٽري شاهه نظام شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری