واشنگٽن- 30 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا ۾ روس جي سفير انتونوف چيو آهي ته هڪ طرف آمريڪي حڪومت جو قرض تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 350 کرب ڊالر رڪارڊ سطح کان وڌي ويو آهي ۽ ٻئي پاسي هو يوڪرين جنگ تي ڳري رقم ضايع ڪري رهيو آهي. ت??س مطابق آمريڪا طرفان يوڪرين لاءِ وڌيڪ 20 ڪروڙ ڊالر جي فوجي امداد جي اعلان بعد جاري بيان ۾ روسي سفير چيو ته ??مريڪي حڪومت يوڪرين جنگ تي ??يڪا ڳري رقم ضايع ڪري رهيو آهي ان کي پر امن مق??د، ترقياتي هدفن ۽ آمريڪا ۾ ڪيترن سماجي ۽ اقتصادي مسئلن جي حل ڪرڻ جي ڪوششن تي ??رچ ڪجي ها ته ??هتر ٿئي ها. روسي سفير چيو ته ??مريڪي اختياريون يوڪرين جنگ بابت پاليسي جي حوالي سان مڪمل طورتي ماضي ۾ ڦاٿل آهن. انهن جي سوچ هاڻي اها آهي ته هو 1991ع جي سرحدن تي ٻڌل يوڪرين ٻيهر قائم ڪري سگهن جنهن جي هاڻي ڪا اميد ناهي.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل