رياض- 10 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽار ملاقات ڪئي. پرڏهي ??يڊيا موجب رياض جي قصر اليمامه ۾ ش??زاده محمد بن سلمان، برطانوي وزيراعظم جي آجيان ڪئي ۽ باضابطه سرڪاري تقريب منعقد ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن سعودي عرب ۽ برطانياجي ٻه طرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌائڻ لاءِ گڏيل هم آهنگي جي ڪوششن ۽ ٻنهي ??لڪن ۾ دستياب وسيلن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي موقع?? جو جائزو ورتو. عالمي صورتحال، گڏيل مفادن جي معاملن ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي توانائي وارو وزير ??هزاده عبدالعزيز بن سلمان، برطانيه ۾ سعودي سفير ??هزاده خالد بن بندر بن سلطان، مملڪتي وزير ۽ ڪابينه جا ميمبر ۽ ٻيا وزير ۽ اڳواڻ موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری