لاهور – 23 سيپٽمبر (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم بلدياتي نظام جي لاءِ ٽي بنيادي اصول طئي ڪيا آهن، بلدياتي نظام بااختيار هوندو، چونڊون سڌوسنئون ٿينديون ۽ اهو نظام سادو هوندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب ڪ??بينا جي اجلاس ??انپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اجلاس ۾ بلدياتي نظام جي حوالي سان تفصيلي بحث ڪي?? ويو. وزيراعظم بلدياتي نظام جي لاءِ ٽي بنيادي اصول طئي ڪيا آهن، پهريون – بلدياتي نظام بااختيار هوندو يعني جيڪو نمائندو چونڊجي ايندو اهو بااختيار هوندو، ٻيو – بلدياتي چونڊون سڌوسنئون ٿينديون ۽ ٽيون – اهو نظام سادو هوندو. هاڻي ان موجب ان تي قانونسازي ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ