اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ ننڍي ڪاروبار لاءِ آسانيون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان وڏو فيصلو ڪندي هدايت ڪئي آهي ته لائسنسنگ جو طريقي??ار آسان بڻائي خود??ار نظام متعارف ڪرايو وڃي، صوبائي حڪومتون 74 مختلف قسم جا لائسنسز فوري طور تي ختم ڪن ته جيئن عام ماڻهو آساني سان ننڍو ڪاروبار شروع ڪري سگهن. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ا??لا?? ۾ عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ ننڍي ڪاروبار ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم وڏو فيصلو ڪندي مڪاني حڪومتن جي سطح تي مختلف ڪاروباري سرگرمين لاءِ گهربل ڏيڍ سئو جي لڳ ڀڳ مختلف لائسنسز جي نظام کي ختم ڪرڻ ۽ ضروري لائسنسز جي طريقي??ار آسان بڻائڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آ??ين??ي خود??ار نظام متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ