جده -28 فيبروري (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحھ زور ڀريو آهي ته نام نهاد اسرائيل?? رياست کي بي لغام ڇڏڻ سان ان کي فلسطينين خلاف ڏوهن تي قائم رهڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي. هن جو چوڻ آهي ته اسرائيل?? رياست جي ڏوهن تي خاموشيءَ ??لسطينين تي ظلم ۾ اضافو ڪيو آهي. اسرائيلين جا فلسطينين خلاف قدم انسانيت خلاف ڏوهن ۾ شا??ل آهن . هن تازو ئي فلسطين جي شهر نابلوس ۾ اسرائيلي فوج هٿان بيگناهه فلسطينين جي قتل عام جي شديد مذمت ڪئي. ۽ ان واقعي جي عالمي سطح تي آزاد جاچ جو مطالبو به ڪيو. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسرائيل?? رياست جي انسانيت خلاف ڏوهن تي ان کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته عالمي قانون واضح ۽ ناقابل تقسيم آهي. اسرائيل پنهنجي ڏوهن ۽ خلاف ور??ين هٺ ڌرمي سان قائم آهي، هو عالمي برادري جي اکين سامهون فلسطيني سرزمين ۾ پنهنجي آبادڪاري جاري رکندو پيو اچي.
فلسطينين خلاف اسرائيلي ڪارروائيون انسانيت خلاف ڏوهه آهن: او آءِ سي
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر