گڏيل قومون- 01 فيبروري (اي پي پي)سڄي دنيا ?? فاقه ڪشي جو شڪار 828 ملين ماڻهن مان 278 ملين ماڻهو آفريقا ۾ آهن، گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت واري کاتي خبردار ڪيو آهي ته آفريقي ترقياتي بينڪ (اي ايف ڊي بي) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب اهو تعداد 2030 ۾ وڌي 310 ملين تائين پهچي سگهي ٿو، آفريقا دنيا جي پوک لاءِ استعمال ۾ نه ايندڙ 65 سيڪڙو ذرخيز زمين جو مالڪ آهي، جيتوڻيڪ اهو کنڊ 2050 تائين 9 بلين ماڻهن جو غذائي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪافي پوکي جوڳي زمين جو مالڪ آهي ان ??ي باوجود اهو 100 ملين ٽن کان وڌيڪ خوراڪ درآمد ڪري ٿو. 2022 ?? آفريقا جي زرعي صورتحال جي رپورٽ مان معلوم ٿئي ٿو ته آفريقا ۾ زرعي شعبي کي موسمياتي تبديلين جي اثرن ۽ عالمي بحرانن کي منهن ڏيڻ لاءِ هر سال 257 بلين ڊالر جي ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب