جده -20 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سوڊان جي عوام لاءِ مملڪت جي ح??ايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي، ته ??ندس ملڪ سوڊان واسين سان گڏ بيٺل آهي، هن جده ڳالهين لاءِ هڪ حصي طور جهيڙيندڙ ڌرين وچ ۾ سعودي عرب ۽ آمريڪا جي ٽياڪڙي جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي چيو ته ??حران جي سياسي ح?? تائين پهچڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون وينديون. هن ويڊيو ڪال ذريعي سوڊان بابت امدادي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ??وڊان جو عوام تشدد سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ فوري مدد جو منتظر آهي. گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريش ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ??وڊان غير معمولي رفتار سان موت ۽ تباهي طرف وڌي رهيو آهي. هن عطيو ڏيندڙن تي زور ڀريو ته ??هي اڳيان وڌن ۽ انهي تباهي کي روڪين. سيڪريٽري جنرل مضبوط عالمي ح??ايت بنا سوڊان تيزي سان لاقانونيت جو ڳڙهه بڻجي سگهي ٿو جنهن سان سڄي خطي ۾ عدم تحفظ پکڙجي سگهي ٿو. هن چيو ته ??ارفور ۽ خرطوم جي صورتحال تباهه ڪندڙ آهي، ماڻهن تي سندن گهرن ۽ رستن تي ح??لا ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته ٻن مهينن کان گهٽ عرصي ۾ 20 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن ۽ اهي سوڊان جي محفوظ علائقن يا سرحدن جي هن پار پناهه لاءِ مجبور آهن. 5 لک کان وڌيڪ ماڻهو اڳ ئي سرحد پار پاڙيسري ملڪن ۾ داخل ٿي چڪا آهن. سندس چوڻ هو ته ??ن تڪرار جي شروع ٿيڻ کان اڳ سوڊان اڳ ئي انساني بحران جو شڪار هو، جيڪو هاڻي هڪ تبا??ي جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن سان ملڪ جي اڌ آبادي کان وڌيڪ متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته ??ورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ ک??ن روڪڻ لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته ??حران جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ ان جو واحد رستو امن جي واپسي ۽ جمهوريت طرف منتقلي ذريعي سويلين حڪمراني جي بحالي آهي. اها امدادي ڪانفرنس گڏيل قومن جي انساني ح??ن ۽ پناهگيرن جي ادارن سان گڏوگڏ مصر، جرمني، قطر ۽ سعودي عرب کان علاوه آفريقي يونين ۽ يورپي يونين طرفان گڏيل طور تي منعقد ڪئي وئي آهي.
سوڊان غيرمعمولي رفتار سان موت ۽ تباهي طرف وڌي رهيو آهي: انتونيو گوتريش
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج