تل ابيب-19 آڪٽوبر (اي پي پي) برطانو?? وزيراعظم رشي سونگ حماس سان جاري جنگ ۾ اسرائيل سن يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪالهه تل ابيب پهتو. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هن 7 آڪٽوبر تي حماس طرفان اسرائيل خلاف ڪي?? ڪارروائي کي دهشتگردي جو خوفناڪ قدم قرار ڏيندي ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ اسرائيل سان يڪجهتي جو اظهار ڪي??. هن عالمي قانونن موجب اسرائيل جي پنهنجي دفاعي حق جي پرزور حمايت ڪئي، بعد ۾ اسرائيلي صدر آئيزڪ هرزوگ سان ملاقات ۾ هن غزه ۾ موجود عام فلسطينين لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي فوري امداد جي اهميت سان به پڻ اتفاق ڪي??. هن اسرائيلي عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو حماس کان خوفناڪ دهشتگردي جو نشانو بڻجڻ تي پنهنجي ۽ برطانوي عوام طرفان انهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. اسرائيل پهچڻ کانپوءِ برطانو?? وزيراعظم رشي سونڪ اهم اسرائيلي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪي??ن، هن حماس طرفان يرغمال بڻايل اسرائيلن جي ڪٽنبن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ انهن سان همدردي جو اظهار ڪي??.
برطانوي وزيراعظم حماس سان جاري جنگ ۾ اسرائيل سان يڪجهتي لاءِ تل ابيب پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores