نيويارڪ -20 مارچ (اي پي پي)پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي، ته هو پنهنجي ٺهرائن خاص طو?? تي پراڻن تڪرارن جي ٺهرائن تي عملدرآمد جي طريقن تي سنجيدگي سان غور ڪري، پاڪستان ان ڳالهه تي زور ڀريو ته 15 رڪني اداري کي وڌندڙ چئلينجن جو جواب ڏيڻ لاءِ وڌيڪ شفاف، جوابده، جامع ۽ جمهوري بڻجڻ گهرجي. سلامتي ڪائونسل جي نئين سر تنظيم سازي لاءِ ڊگهي عرصي جي جاري ڳالهين کي ٻيهر شروع ٿيڻ تي سف??ر منير اڪرم نمائندن کي ٻڌايو ته ڪا به شئي ڪائونسل جي ساک جي چونڊ لاڳو ??رڻ ۽ ان جي ٺهرائن تي عمل نه ??رڻ کي وڌيڪ مجروح ناهي ڪندي، ٺهرائن تي عملدرآمد ۾ ناڪامي سلامتي ڪائونسل جي ساک کي مجروح ڪندي آهي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي ذريعي فرض ڪيل ذميوارين کي پورو ??رڻ جي انهي جي اهليت تي اعتماد کي ختم ڪري ٿي. پنهنجي رمارڪس ۾ پاڪستان جي سفير سلامتي ڪائونسل جي ڪم ??رڻ جي طريقن م شفافيت، احتساب ۽ شموليت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پ??ڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ بامعنيٰ سڌارا حاصل ??رڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن تي زور ڀريو. ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڏيندي ته گڏيل قومن جي چارٽر سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي ٻنهي کان الڳ الڳ پر تڪميلي ڪردار وڏي اهميت رکي ٿو. هن چيو ته اسان سڀني کي سلامتي ڪائونسل طرفان جنرل اسيمبلي کي فعال ۽ اختيارن تي مسلسل تجويزون، خاص طو?? تي قانوني معيار قائم ??رڻ ۽ جنرل اسيمبلي جي دائريڪار ۾ آيل مختلف مسئلن لاءِ تعريفن جي تعين جي حوالي سان سنجيدگي سان ڳڻتي هئڻ گهرجي. گڏيل قومن جي سڌاراتي عمل جي هڪ حصي طو?? تي ڪائونسل کي وسعت ڏيڻ هڪ عام معاهدي باوجود ميمبر ملڪ تفصيلن تي ورهايل آهن. چار نام نهاد ميمبر ملڪن جو گروپ جنهن ۾ ڀارت، برازيل، جرمني ۽ جاپان شامل آهن اهي ڪائونسل ۾ پنهنجي لاءِ مستقل سيٽون گهرن ٿا،ڪائونسل کي 10 سيٽن تائين وڌائڻ لاءِ پنهنجي دٻاءَ ۾ ڪا به لچڪ ناهي ڏيکاري، جنهن ۾ 6 اضافي مستقل ۽ 4 غ??ر مستقل ميمبرن جو مطالبو شامل آهي جڏهن ته ٻئي پاسي اٽليءَ پاڪستان جي قيادت ۾ اتفاق راءِ وارو اتحاد (يو ايف سي) گروپ آهي، جيڪو اضافي مستقل ميمبرن جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو. ميمبرن جي هڪ نئين ڪيٽيگري تجويز ڪئي وئي آهي ته وڌيڪ مستقل ميمبرن بجاءِ سلامتي ڪائونسل جي ڊگهي مدي وارا غ??ر مستقل ميمبر هجن جن جي ٻيهر چونڊ ممڪن هجي. پنهنجي مباحثي ۾ منير اڪرم طرفان بيان ڪيل اهم نقطن ۾ مستقل ميمبرن جي غير ضروري اثر رسوخ کي روڪڻ سان گڏوگڏ ڪائونسل جي جوابدهي ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ کليل اجلاسن ۾ گڏيل ڳالهين جي ضرورت، مڪمل شفافيت، بشمول جنرل اسيمبلي جي رپورٽنگ جي معيار ۽ انگ کي وڌائڻ ۽ عوامي گڏجاڻيون ۽ بحث مباحثا منعقد ??رڻ ، مباحثن ۾ شموليت، غير ڪائونسل ميمبرن جي انهن درخواستن تي خودڪار شرڪت جي اجازت ڏيڻ، (پين هولڊر) ڪائونسل جي ٺهرائن جي مسودن تي ڳالهيون ??رڻ ۽ اهو مسودو تيار ڪندڙ ميمبرن جي نظام جو خاتمو يا اصلاح، ذيلي ادارن جي چيئرز جي مقرري لاءِ جمهوري عمل، ڪائونسل جي دهشتگردي جي خاتمي بابت لاڳو ??رڻ ۾ وڌيڪ شفافيت ۽ اڻبرابري جو سلوڪ نه ??رڻ سان گڏوگڏ مناسب عمل ۽ موثر روڪٿام کي يقيني بڻائڻ لاءِ انهن جي اصلاح ??رڻ شامل آهي.
سلامتي ڪائونسل پراڻن تڪرارن تي پنهنجن ٺهرائن تي عملدرآمد جي طريقن تي سنجيدگي سان غور ڪري: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر