اسلام آباد – 04 اپريل (اي پي پي)پاڪستان ۾ ايران جي سفارتخاني عالمي يوم القدس جي موقعي تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته فلسطين اسلامي دنيا جو سڀني کان ??ڏو ۽ اهم ترين مسئلو آهي، يوم القدس خاص طور تي فلسطين ڪاز لاءِ وقف آهي، اهو ڏينهن دنيا لاءِ هڪ موقعو آهي ته هو خو??اراديت جي اصول تي ٻڌل آزاد فلسطين جي قيام لاءِ معاهدي جي تجديد ڪري. سفارتخاني مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته رمضان المبارڪ جو آ??ري جمعو سڄي دنيا جي مسلمانن جي اتحاد جي علامت طور عالمي طور يوم القدس جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته يوم القدس خاص طور تي فلسطين ۽ فلسطيني ڪاز لاءِ وقف آهي پر ان کان اڳتي اهو اسلامي دنيا جي اتحاد ۽ يڪجهتي جي محور طور، قتل ۽ فساد ۽ قبضي جي ظلم خلاف جنگ ۾ مسلمان ??لڪن جي بيداري ۽ اتحاد جو ڏينهن آهي. اهو ڏينهن دنيا لاءِ هڪ موقعو آهي ته هو بي گهر فلسطيني قوم تي 70 سال جي ظلم کي ياد ڪري ۽ خو??اراديت جي اصول تي ٻڌل آزاد فلسطيني رياست ??ي قيام جي معاهدي جي تجديد ڪري.
فلسطين اسلامي دنيا جو سڀ کان وڏو اهم مسئلو، يوم القدس فلسطيني ڪاز لاءِ وقف آهي: ايران
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں