لنڊن -25 سيپٽمبر (اي پي پي ) دنيا جي سڀ کان وڏي حلال فوڊ فيسٽيول جي تقريب 28 کان 29 سيپٽمبر تائين لنڊن اسٽيڊيم ۾ منعقد ڪئي پئي وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب ان??طا??يا کي هن سال فوڊ فيسٽيول ۾ 20000 کان به وڌيڪ شرڪت ڪندڙن جي آمد جو امڪان آهي. فوڊ فيسٽيول ۾ پاڪستان سميت ترڪيه، مراڪش ۽ انڊون??شي?? جي نمائندگي ڪندڙ وينڊرز، شيفرز ۽ فوڊ اسٽالز موجود هوندا . تقريب جي انتظاميا ڪميٽي جي ڊائريڪٽر وليد جهانگير ٻڌايو آهي ته سموري دنيا ۾ مسلم آبادي ۾ لڳاتار اضافي سبب حلال فوڊ جي مصنوعات جي گهرج ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته حلال فوڊ مان تيار ڪيل معياري ذائقن ?? وڌندڙ دلچسپي نه رڳو مسلمان صارفين پر غير مسلمانن جو ڌيان به حلال کاڌن طرف ڏياريو آهي. ان تقريب ۾ مشهور شيف شخصيتن جي تيار ڪيل کاڌن جي ذائقن بابت لائيو ڪوڪنگ شو منعقد ڪيو ويندو جنهن جي ميزباني عالمي شهرت يافته شيف شيلينا پرمولو ڪندي.
لنڊن ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو حلال فوڊ فيسٽيول 28 سيپٽمبر تي ٿيندو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی