اسلام آبا?? – 18 جنوري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته فاٽا ۾ اجتماعي ذميداري جو قانون ظلم آهي، فاٽا سڌارن جي ذريعي ان جو خاتمو ڪيو ويندو، هن اها ڳالهه ڏکڻ وزيرستان جي صلاحڪارن سان ملاقات دو??ان چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سيفران وارو وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. صدر ممنون حسين چيو ت?? ايف سي آر کي ختم ڪرڻ ۽ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ??ائ?? ??خت??ار کي قبائلي علائقن تائين توسيع ڏيڻ لاءِ فاٽا سڌارا ڪميٽي وڏيون اهم تجويزون ڏنيون آهن ان بابت هڪ نئون قانون قبائلي علائقن کي ڏنو وڃي جيڪو قبائلي ثقافت ۽ رواج جي نه رڳو پاسداري ڪندو پر اجتماعي ذميداري جهڙي ظالماڻي قانون کي ختم ڪرڻ ۾ موثر ثابت ٿيندو
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ