اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪراچي اسان جو آهي ۽ ڪراچي کانسواءِ پاڪستان نه آهي، ڪراچي ۾ بجلي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ح??ومت هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڪراچي ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي معاملن تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڊگهي بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته ايوان ۾ لفظن جي چونڊ مناسب هجڻ گهرجي، منهنجي سنڌ حڪومت کي درخواست آهي ته اسلم خان جي گهر تي فائرنگ جي واقعي جو نوٽيس وٺي، هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري مسلم ليگ (ق) جي دور ۾ ٿي، پنج سال پيپلزپارٽي جي ح??ومت رهي ۽ پيپلزپارٽي جو بجلي وارو وزير راجا پرويز اشرف جيڪو هن ايوان ۾ موجود آ??ي، هن ڪي اليڪٽرڪ ۾ مجرماڻيون ڪاررواين کي ڇو نه پڪڙيو، مسلم ليگ (ن) جي ح??ومت جي بجلي واري وزير خواجه آصف به هتي آهي، هن ايڪشن ڇو نه کنيو.
ڪراچي اسان جو آهي ۽ ڪراچي کانسواءِ پاڪستان نه آهي: اسد عمر
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا