اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي آمريڪا طال??ان معاهدي تحت افغان لويه جرڳي جي قيدين جي آزادي جي فيصلي کي ساراهيندي چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۽ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي سفير شڪرالله عاطف مشعل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن صدر سان الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي افغان سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان افغانستان سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو ۽ ٻطرف لاڳاپن کي گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم عمران خان سمورن پاڙيسري ملڪن خاص طور تي افغانستان مضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۽ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. صدر چيو ته پرامن ۽ خوشحال افغانستان کانسواءِ علائقائي ترقي ۽ واپار ممڪن نه آهي. صدر آمريڪا طال??ان معاهدي تحت افغان لويه جرڳي جي قيدين جي آزادي جي فيصلي کي ساراهيو.
آمريڪا طالبان معاهدي تحت افغان لويه جرڳي جي قيدين جي آزادي جو فيصلو ساراهه جوڳو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania