اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪور??نا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪور??نا جي هڪ هزار 808 مريضن جا ٽ??سٽ مثبت آيا ۽ 34 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 33 متاثر مريض اسپتالن ۾ ۽ هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 36 هزار 686 ٽ??سٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 146، پنجاب ۾ 13 هزار 545، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 303، اسلام آباد ۾ 6 هزار 879 ، ??لوچستان ۾ 482 ، گلگت بلتستان ۾ 345، آزاد ڪشمير ۾ 986 ٽ??سٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 20 هزار 849 ٿي چڪو آهي، بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 856 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 189 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 22 هزار 88 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪور??نا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 49 هزار 992 آهي.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino