اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسيپڪر اسد قيصر سان آزاد ڪشمير جي تحريڪ انصاف آزاد جي صدر بئريسٽر سلطان محمو?? چوڌري ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي ??جموعي سياسي، معاشي ۽ سلا??تي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ڪشميري عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، ڀارت جو ڪشميري عوام تي ??يل انسانيت لڄائيندڙ ظلمن جو پوري دنيا مذمت ڪري ٿي، ڀارت کي والاريل ڪشمير جي عوام کي انهن جو بنيادي حق ڏيڻو پوندو، ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين سان پوري دنيا آگاهه آهي، عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت پاران ڪيل ظلمن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، اسپيڪر چيو ته ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکي ويندي.
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی