اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خا?? سان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم م??ڊيا آفيس موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي صوبي ۾ زراعت ۽ سياحت جي فروغ لاءِ جاري ڪوششن کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گومل زام ڊيم م??صوبي سان صوبي جي 160،000 ايڪڙ زمين پوکي جي قابل بڻجندي جڏهن ته سي آر بي سي لفٽ ڪينال منصوبي جي ذريعي 300،000 ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهندي. وزيراعظم وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته انهن منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. وڏي وزير وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ 27 لک سياح سير ۽ تفريح لاءِ آيا جنه?? سان 66 ارب روپين جو روينيو حاصل ٿيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار