اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته گرين ايرياز کي رهائشي ۽ واپاري علائقن ۾ بدلائڻ سان ۽ بنا منصوبابندي ۽ غير منظم شهري پکيڙ سان فوڊ سيڪيورٽي متاثر ٿيندي، پنجاب حڪومت ٻوڏ جي خطري وارن ع??ائقن ۾ قائم غير قانوني هائوسنگ سوسائيٽين جي خلاف ڪارروائي ڪري ڇو ته اهڙن ع??ائقن ۾ هائوسنگ سوسائٽين سان ع??ام جي جانين ۽ سرمائي کي نقصان پهچڻ جو انديش?? آهي. وزيراعظم عمران خان سينٽر?? بزنس ڊسٽرڪٽ (سي بي ڊي) ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي (آر يو ڊي اي) جي منصوبن تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير شوڪت ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، هائوسنگ واري صوبائي وزير ملڪ اسد کوکر، بلديات واري وزير ميان محمود الرشيد، پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه ۽ اعليٰ عملدارن وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته حڪومت ماحولياتي لحاظ سان پائيدار ۽ منصوبابندي سان جديد شهرن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڊيڊ سرمائي کي ريوينيو پيدا ڪندڙ منصوبن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، حڪومت رهائشي ۽ واپاري ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ سرسبز علائقن جي تحفظ لاءِ نئين شهري منصوبن جي لاءِ ماحول دوست طريقا اختيار ڪري رهي آهي، وزيراعظم سينٽر?? بزنس ڊسٽرڪٽ جي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سي بي ڊي ۾ 2 ڪمرشل پلاٽن جي نيلامي سان 57 ارب 88 ڪروڙ روپين جو رڪارڊ روينيو حاصل ٿيو، هن چيو ته حڪومت ڊيڊ سرمايو جيڪو سڄي ملڪ ۾ استعمال کانسواءِ پيل آهي ان کي پائيدار روينيو حاصل ڪرڻ جي قدمن ۾ تبديل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪي?? آهي، هن پرڏيهي پاڪستانين تي زور ڏن?? آهي ته هو سينٽر?? بزنس ڊسٽرڪٽ ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي منصوبن ۾ محفوظ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن، هن پنجاب حڪومت کي هدايت ڪئي ته هو ٻوڏ جي خطري وارن ع??ائقن ۾ زمينن کي وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث غير قانوني هائوسنگ سوسائيٽين جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ڇو ته ان سان ع??ام جي جانين ۽ سرمائي کي نقصان پهچڻ جو انديش?? آهي. ان کان اڳ اجلاس کي سينٽر?? بزنس ڊسٽرڪٽ ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ پهرين ڊائون ٽائون نيلامي، پاور پلانٽ جي تعمير، چار باغ، جوک، قومي پارڪ، روڊاڙ ٽيڪنالاجي پارڪ، اوورسيز پاڪستانين جا 10 هزار اپارٽمينٽس، ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ ۽ ٻيون سهولتون شامل آهن.
گرين ايرياز کي رهائشي ۽ واپاري علائقن ۾ بدلائڻ سان ۽ بنا منصوبابندي ۽ غير منظم شهري پکيڙ سان فوڊ سيڪيورٽي متاثر ٿيندي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے