اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ش??باز شريف بحرين جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪب??د ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ش??باز شريف خوشي جي ان موقعي تي بحرين جي ڀائر عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. وزيراعظم ورجايو ت?? پاڪستان سلطنت بحرين سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن سمورن ??عبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪورونا عالمي وبا دوران بحرين جي حڪومت پاران اتي رهندڙ پاڪستانين جي سارسنڀال جي لاءِ قدم کڻڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ش??باز شريف جي عيد جي مبارڪباد ۽ بحرين جي عوام جي لاءِ خيرسگالي جي خواهشن تي بحرين جي شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه عيدالفطر ۽ تازين چونڊن ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي وزيراعظم ش??باز شريف کي مبارڪب??د ڏني. بحرين جي پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ پڪو ۽ گهرو ڪر?? جي پنهنجي عزم کي ورجائيندي بحرين جي شاهه چيو ت?? انهن هدفن کي حاصل ڪر?? جي لاءِ هو وزيراعظم سان ويجهي تعاون ۽ گڏجي ڪم ڪر?? جي لاءِ منتظر آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جيبحرين جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، عيدالفطر جون مبارڪون
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil