اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف صوبن پاران ڪڻڪ جي خريداري جا هدف پورا نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آ??ي ته صوبا پهرين جون تائين ڪڻڪ جي خريداري جا هدف حاصل ڪن، ٻاهران درآمد ٿيندڙ ڪڻڪ جي صوبن ۾ شفاف ورڇ لاءِ فوري ڪميٽي ق??ئم ڪئي وڃي، سياست کان مٿانهون ٿي ڪري وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا حڪومت جي به هر م??ڪن مدد ڪندي، اجلاس ۾ وفاقي وز??ر طارق بشير چيمه، مريم اورنگزيب، لاڳاپيل ڊويزن ۽ کاتن جا آفيسر شريڪ ٿيا، جڏهن ته صوبائي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم چيو ته قوم جو هڪ پئسو بچائڻ حڪومت جو فرض آهي، ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ موجود آهي، جيتوڻيڪ صوبا ذخيره اندوزي جي خلاف قدم کڻن، عوام کي ڪنهن به صورت ۾ مشڪل ۾ نٿو وجهي سگهجي، وفاقي حڪومت هر صورت ۾ گهٽ قيمت ۾ اٽو فراهم ڪندي، وفاقي حڪومت هر م??ڪن مدد فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته صوبا پهرين جون تائين ڪڻڪ خريد ڪرڻ جا هدف پورا ڪري، سياست کان مٿانهون ٿي ڪري وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا حڪومت جي به هر م??ڪن مدد ڪندي. غريب عوام جي خدمت اولين فرض آهي. وز??راعظم نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وز??ر کي هدايت ڪئي ته ٻاهران درآمد ٿيندڙ ڪڻڪ جي صوبن ۾ شفاف ورڇ لاءِ فوري ڪميٽي ق??ئم ڪئي وڃي، وز??راعظم چيو ته سستي ۽ بهترين معيار جي ڪڻڪ درآمد کي يقيني بڻايو وڃي. سڀني يوٽيلٽي اسٽورز تي اٽي جي 10 ڪلو جي قيمت 490 روپيا برقرار رکي وڃي، اوپن مارڪيٽ ۾ به باقي صوبا انهي قيمت کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻن.
وزيراعظم پاران صوبن پاران ڪڻڪ جي خريداري جا هدف پورا نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس