اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ملڪ ?? گهرو ويڙهه چاهي ٿو، پي ٽي آءِ جي عهديدارن جي گهرن مان هٿيارن جي برآمدگي سان عمران خان جا ارادا بي نقاب ٿي ويا آهن، ملڪ ?? اڄ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي عوام ڏسي رهي آهي ۽ ان جو ذميدار صرف عمران خان آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه جي سازش ڪري رهيو آهي، هو هٿيارن جي زور تي اسلام آباد تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، هن چيو ته بندوقن، بم ۽ گولن ۽ بارود سان انتشار پکيڙڻ نه ڏي??دا??ين، حڪومت عوام جي جان ۽ مال ??و تحفظ يقيني بڻائڻ جي پابند آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گوليون هلائڻ، جلاءُ گهيراءُ جا رويا سياسي نه آهن، سياسي سرگر??ين ۽ لشڪر ڪشي جي وچ ۾ واضح لائين ڪڍڻي پوندي.
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ