اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته نيوٽرل کي مداخلت ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ تي آر??يڪ?? 6 لڳي ٿو، قومي اسيمبلي کان وٺي پنجاب اسيمبلي تائين عمران خان آئين شڪني ڪرائي، آر ٽي ايس سسٽم ويهاري چئن سالن تائين هڪ نااهل مڙهيو ويو، عمران خان 4 سال پنهنجي ناڪامي کي لڪائڻ جي لاءِ انتقامي سياست ڪئي، عمران خان سمورن ادارن کي ??ستعمال ڪري مخالفن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، عدالتن ۾ عمران خان جا ٺاهيل ڪيس ڪوڙا ثابت ٿيا، عدالتن پنهنجي فيصلن ۾ لکيو ته اهي سمورا ڪيس بي بنياد الزامن تي ٺهيا. عمران خان جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ اطلاعات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو ته پريس ڪانفرنس جو مقصد عمران خان جي نااهلين ۽ ناڪامين کي ??امهون آڻڻ آهي، صحيح فيصلن کي ??وام تائين پهچائڻ منهنجي ذميواري آهي. هن چيو ته برطانوي نيشنل ڪرائم ايجنسي پڻ عمران خان جي ڪيسن کي ڪوڙو قرار ڏنو، ايسيٽ ريڪوري يونٽ اصل ۾ عمران خان جو ايسيٽ ميڪنگ يونٽ هو. هن چيو ته عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ وز??راعظم شهباز شريف جي ضمانت جي خلاف پنهنجي اپيل واپس ورتي، اپيل واپس وٺڻ جو مطلب آهي ته وز??راعظم جي خلاف ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو. وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب سوال اٿاريو ته عمران خان بطور وز??راعظم مبينا سائفر تي شفاف جاچ ڇو نه ڪرائي؟ عمران خان ڇو 28 مارچ تائين انتظار ڪيو؟ هن چيو ته نيوٽرل کي مداخلت ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ تي آر??يڪ?? 6 لڳي ٿو، قومي اسيمبلي کان وٺي پنجاب اسيمبلي تائين عمران خان آئين شڪني ڪرائي. هن چيو ته ميڊيا لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي غلط تشريح تي ٻڌل رپورٽنگ ڪئي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب پنجاب جي وڏي وز??ر حمزه شهباز کي ??هدي تان ناهي هٽايو ويو، پي ٽي آءِ وارا فيصلو پڙهڻ کانسواءِ ڌمال هڻن ٿا پوءِ يوٽرن وٺن ٿا. هن چيو ته عمران خان جو مقصد گار ڏيڻ ۽ معاشري ۾ انتشار پکيڙڻ آهي، عمران خان جو روزانو لڳندڙ تماشو بند ٿيڻ گهرج??، فرح گوگي کي ??ستعمال ڪري ذاتي فائدا حاصل ڪيا ويا. وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف 3 ڀيرا عوام جي ڏ??ل مينڊيٽ سان وز??راعظم بڻيو، عمران خان کي ڪوڙ ڳالهائيندي شرم اچڻ گهرجي، عمران خان جي نالائقي جي ڪري اڄ پاڪستاني عوام مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهجي رهي آهي.
نيوٽرل کي مداخلت ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ تي آرٽيڪل 6 لڳي ٿو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے