پشاور – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي مرڪزي امير مولانا فضل الرحمان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خيبرپختونخوا جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو ۽ بحالي جي ڪمن جي ذاتي طور تي نگراني ڪرڻ کي ساراهيندي چيو ته مصروف شيڊيول جي باوجود وزيراعظم ٻوڏ سبب متاثر ضلعي ڊي آءِ ??ان جو ٻيو دورو ڪيو آهي ۽ رليف ۽ ريسڪيو آپريشنز جي نگراني ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي ڊي آءِ ??ان جي دوري جي موقعي تي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪارروائي جي حوالي سان منعق?? تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مولانا فضل الرحمان حڪومتي کاتن ۽ سياسي پارٽين جي امدادي تنظيمن جي واکاڻ ڪندي چيو ته ٻوڏ سٽيلن کي کاڌي پيتي جي شين سان گڏوگڏ روڪ امداد به فراهم ڪئي وئي ۽ سگو پل لڙهي وڃڻ کانپوءِ ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو، هن انهن سمورن ٻوڏ متاثرن کي خيمن جي فراهمي سميت ضروري شيون فراهم ڪرڻ تي زور ڀريو، ڊي آءِ ??ان ۾ ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ لاءِ ننڍن ڊيمن جي تعمير اڻٽر آهي، هن چيو ته ٽانڪ زم ۽ نواب حيدر ۽ ٻين ڊيمن جي تعمير سان ڪوهه سليمان ۽ ٻين علائقن ۾ ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي ۽ ڊي آءِ ??ان کي ٻوڌ کان بچائي سگهبو. هن چيو ته ڊي آءِ ??ان ۾ نقصانن جو جائزو وٺڻ جو سروي ۽ ان جي رپورٽ جلد حڪومت کي پيش ڪئي ويندي. هن ڪوهستان، سوات، دير، ڊي آءِ ??ان ۽ ٽانڪ جي ضلعن ۾ رستن جي رابطن جي منصوبن تي نئين سر تعمير جي ڪمن ۾ تيزي آڻڻ جو به مطالبو ڪيو، ت??ري?? ۾ مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار انجنيئر امير مقام به موجود هئا، جي يو آءِ (ف) جي سربراهه وزيراعظم کي ڊي آءِ ??ان ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين ۽ بحالي جي ڪمن کان آگاهه ڪيو.
ڊي آءِ خان ۾ ٻوڏ سبب نقصانن جي رپورٽ جلد حڪومت کي پيش ڪئي ويندي: مولانا فضل الرحمان
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis